قصيدو

idara letterhead universal2c

قصيدو

ياسين ڪنڀر

حاجي امداد ڦلپوٽو صاحب،

سنڌي نعتن سندو شاههُ آهي

مولا سائين رکي شاد اُن کي

هو محمد جو مداح آهي.

حمد هاديءَ سندا ٿو سُڻائي

نعت محبوب جي ٿو ٻُڌائي،

شانِ اصحاب ٿو ڳائي ڳائي،

خوش ڪندو سڀني جو ساههُ آهي.

صاف توحيد وارا ترانا،

ٿو ٻڌائي ٿيون ٿا توانا،

ان جع نعتن ۾ شاههِ زمانا

ان جو اسلامي ويساهه آهي.

مُرڪي ميدانَ سهڻي ۾ آيو

هن ستر جي ڏهاڪي کان ڳايو

مٺڙي آواز ۾ سچ سڻايو

سالُ ٿيو ان کي پنجاهه آهي.

اڌ صدي گذري وئي نعت چوندي،

باوفا جي ڀلي باتِ چوندي،

نعت ڳائيندي ڏينهن رات چوندي،

هُن ڪيو راضي الله آهي.

سنڌي ٻولي سندو مانُ حاجي،

بَختورُ سُهڻو انسانُ حاجي،

ٿي ويو آهي باشانُ حاجي،

ان سان الله همراهُ آهي.

هن جي طبيعت ۾ آهي فقيري،

رب غريبيءَ ۾ بخشي اميري،

هن جي آواز جو مان اَسيري،

هُنَ ڪيو حق کان آگاههُ آهي.

هو ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين

هو سفر در سفرُ آ سدائين،

خوش رهي شال امدادُ سائين،

نعت ياسين جو چاههُ آهي.

ننڍڙا وڏڙا ٿا مولودَ ڳائين،

ان جي لهجي کي سڀني ٿا ڀائن،

پيارُ پياري پِرينءَ جو ٿا پائن،

مولا سائين ڏنو جاههُ آهي.