بنت عطاءَ الله پٺاڻ
جامعه مريم للبنات گلشن اقبال، ڪراچي
١. هزارين دليل مرد جا پنهنجي صفائي ۾ پيش ڪرڻ، عورت اڳيان ڪجهه به ناهن.
٢. دنيا جي سڀني کان وڌي آبي قوت (طاقتور پاڻي) عورت جا ڳوڙها آهن.
٣. انا پرستيءَ جي مضبوط ترين خول کي محبت ذرا ذرا ڪري ڇڏي ٿي.
٤. انسان کي جيترو ۽ جيڪي غم سکائي ٿو، خوشي اوترو ڪانه ٿي سکائي سگهي.
٥. ٻين جي مدد ڪندا رهو ته جيئن توهان جي به ڪو مدد ڪرڻ لڳي.
٦. انسان جي سڃاڻ عقل سان آهي شڪل سان ناهي.
٧. خوشيءَ جي هڪ گهڙي، ڏکن دردن جي هزارين گهڙين کان وڌ آهي.
٨. خوشي ۽ غم ڏک جي گهڙين ۾، پنهنجو پاڻ کي قابو ۾ رکڻ کي علقمند عالم، ڄاڻو، دانشور ۽ لازوال طاقت جو مالڪ چيو وڃي ٿو.
٩. جنهن کي رب ذوالجلال ذليل خوار ڪرڻ گهرندو آهي، اهو شخص پنهنجي رب کي وساري دولت گڏ ڪرڻ جي نشي ۾ لڳي ويندو آهي.
١٠. ناحق مقتول لاءِ هي به هڪ فخر جي ڳالهه آهي جو هو قاتل نٿو سڏجي
١١. قلم الله پاڪ طرفان انسان ذات لاءِ عظيم نعمت آهي. انهيءَ قلم ذريعي الله پاڪ پنهنجن ٻانهن کي اهو سڀ سيکاريو جيڪو هو نه ڄاڻندا هئا. جهالت، اڻ ڄاڻائي جي انڌارين مان نور ۽ روشني ڏانهن انهيءَ قلم ذريعي آندو. قلم سان ئي مختلف قسمن جي علمن جي تدوين لکائي ۽ حفاظت ٿي، پراڻن تجربيڪار ماڻهن جي حڪمت ۽ ڏاهپ جا قول گڏ ڪيا ويا، جسماني روحاني بيمارين لاءِ ڏس کليا ويا، الله پاڪ جا نازل ڪيل ڪتاب انهن جون تشريحون، تفسير نقل ڪري دنيا وارن تائين پهچايا ويا. قلم پيدا نه ڪيو وڃي ها ته دنيا آخرت جا معاملا درست نموني حل نه ڪري سگهجن ها. (قرطبي ص ١١١، ج٢٠)، سعيد بن قتادهؒ)
الله پاڪ سڀ کان پهريان پنهنجن قدرت جي هٿن سان چار شيون بنايون: قلم، عرش، جنت، عدن ۽ حضرت آدم عليه السلام (قرطبي: ص ١١٢، ج٢٠)
علماءِ ماهرين جو چوڻ آهي ته قلم ٽن قسمن جا آهن (١) اهو قلم جيڪو الله پاڪ پاڻ پنهنجي هٿ سان بنائي حڪم ڏنو ته لِک (هي قلم عرش تي موجود آهي. (٢) فرشتن جا قلم جن سان تقدير، تڪوين وغيره لکندا رهن ٿا. (٣) عوام ۽ خواص لکيل پڙهيل ماڻهن جا قلم جن کي الله پاڪ انهيءَ اعزاز سان نوازيو آهي.
١٢. امام احمد، حضرت ابو هريره رضي الله جي روايت بيان ڪندي فرمائين ٿا ته ”نبي عليه الصلوات والسلام فرمايو جنهن به پنهنجي ٻچي کي سڏي چيو هلي آءُ توکي فلاڻي شيءِ ڏيندس ۽ پوءِ به جڏهن هو آيو ۽ اها شيءِ نه ڏنائين ته هڪ ڪوڙ ان جي اعمالنامي ۾ لکيو وڃي ٿو.“
١٣. حضرت حسينؒ فرمايو نبي پاڪ ﷺ مون کي وصيت ڪندي فرمايو: پُٽ! جڏهن ڪنهن سان ڪو وعدو ڪرين ته پورو ڪر نه ته محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي. آهي.
١٤. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن شيءِ مان خوف، هراس ۽ ڏر دل ۾ پيدا ٿيندو آهي ته هو ان کان پاسو ڪندو ۽ پر ڀڄندو آهي پر جڏهن الله جو خوف ان جي دل تي ايندو آهي ته هو ان کي ويتر ويجهو ايندو رهي ٿو ڇو ته هو ٻاجهارو، دوست خير گهرندڙ آهي ٻانهن جو. پوءِ ٻانهو اُن الله پاڪ جي ٻڌايل احڪامن تي عمل شروع ڪري ڏيندو آهي.
١٥. صلوات شريف پڙهڻ وارو الله پاڪ جي حڪم صلوا تي عمل ڪندڙ آهي، الله پاڪ جي رضا حاصل ٿئي ٿي، هڪ ڀيرو صلوات شريف جي بدلي ۾ ڏهه رحمتون ملن ٿيون، ڏهه گناهه معاف ٿيو وڃن، ڏهه درجا بلند ٿيو وڃن. ديدار مصطفيٰ نصيب ٿئي ٿو، گهڻي صلوات، اولاد کي فرمانبردار بنائي ٿي، بخل ۽ بخيليءَ کان نجات جو ذريعو آهي، دلي سڪون، طبيعت ۾ نرمي، عاجزي، آخرت جي موچاري بڻجڻ لاءِ سيڙهي آهي. روزي، رزق عمر، اولاد ۾ برڪت پوڻ لاءِ سبب آهي. پريشانين، مصيبتن، آفتن، فتنن فسادن کان بچڻ جو بهترين ذريعو آهي.
دنيا جا ڪم۽ ضرورتون آسان ٿيو وڃن. خاتمه بالخير ايمان تي موت اچڻ جو پڪو يقين آهي دعا قبول ٿئي ٿي، قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو، رحمت جو وسڪارو يقيني آهي. ماڻهن جي دلين ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي، چهرو نوراني پر رونق بنجي ٿو. نيڪيون وزنائتي ٿي پون ٿيون، قيامت جي انڌيريءَ ۾ نور جي لاٽ حاصل ٿئي ٿي، پاڪ پيغمبر عليه الصلوات والسلام جا اسان تي ٿيل ٿورن جو حق ادا ٿي وڃي ٿو.
١٦. هڪ ٻئي تي ڪاوڙ ڪرڻ، برو ڀلو چوڻ، گلا ڪرڻ، دماغ کپائڻ، دانهن فرياد ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي ٻڌڻ جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ گڏجي سڪون، آرام ۽ مزي ۽ ميٺ سان ڳالهائڻ سڀ کان ڀلو صحيح ۽ سٺو ڪم آهي.
١٧. ٻئي تي ڪاوڙ يا غصو ڪرڻ سان دراصل توهان پنهنجو پاڻ کي برباد ۽ هلاڪ ڪري رهيا آهيو سوچ سمجهه کان ڪم وٺڻ، سهڻ ۽ عقل کان ڪم وٺندؤ ته حالات ۽ آلات ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهو ٿا.
١٨. جهڙي طرح الله پاڪ جي صفت ”هدايت“ لاءِ هڪ ڀٽڪيل ماڻهو، بي راهو ان جو طالب ٿئي ته کيس هدايت ملي وڃي ٿي اهڙي طرح الله پاڪ جي صفت غفاريت لاءِ به هڪ ڏوهي، بدڪار، گناهگار ماڻهوءَ جو هئڻ لازم آهي ته جڏهن هو گناهن کان معافي ۽ بخشش طلب ڪري ته کيس معافي تلافي ملي وڃي ٿي.
١٩. جنت ماءَ جي پيرن هيٺان ۽ ان جي چاٻي پيءَ جي پيشانيءَ ۾ آهي. (حديث)
٢٠. الله پاڪ جي ڏنل (عطا ٿيل) نعمتن جي نه بيقدري ڪجي ته ڌڪار جي ۽ نه وري ناشڪري ڪجي نه ته نعمت کسجي ويندي. دنيا آخرت برباد! (النحل:١١٢) ۾ بيان ڪيو ويو:
وَ ضَرَبَ اللّٰہُ مَثَلًا قَرۡیَۃً کَانَتۡ اٰمِنَۃً مُّطۡمَئِنَّۃً یَّاۡتِیۡہَا رِزۡقُہَا رَغَدًا مِّنۡ کُلِّ مَکَانٍ فَکَفَرَتۡ بِاَنۡعُمِ اللّٰہِ فَاَذَاقَہَا اللّٰہُ لِبَاسَ الۡجُوۡعِ وَ الۡخَوۡفِ بِمَا کَانُوۡا یَصۡنَعُوۡنَ ﴿۱۱۲﴾
”هڪ ڳوٺ جي حالت نه پاڻ ۾ ڪو ڦڏو فساد، نه ڦڪت، رڳو محبت ۽ پيار ۽ نه وري ڪنهن ٻاهرئين دشمن جو داٻو نه خوف نه ڏر. چئني پاسي کان رزق روزي ملندي رهي بک، سڃائي، بيماري جو نانءَ نشان به نه هو. نيٺ هلي هلي نعمتن جي بيقدري ناشڪري شروع ڪيائون. نيٺ عرش وارو ڏمريو ان مُنهن مٽيو ڳوٺ وارن کي بک، خوف ۽ سڃائيءَ جي ڪُن ۾ سٽيو. ڇو ته هو ڪم ئي اهڙا ڪرڻ لڳا.
٢١. شڪر ادا ڪرڻ جون ٻه صورتون آهن هڪ هي ته زبان سان چوي ته شڪر الحمدلله، سبحان الله ۽ ٻيو هي ته پنهنجي جسم ۽ سمورن عضون کي الله پاڪ جي حڪمن جو پابند بنائي.
٢٢. گهڻو شڪر ڪرڻ سان عذاب ٽري وڃي ٿو: مَا یَفۡعَلُ اللّٰہُ بِعَذَابِکُمۡ اِنۡ شَکَرۡتُمۡ وَ اٰمَنۡتُمۡ ؕ (نساءَ: ١٤٧)
توهان جيڪڏهن شڪر يو ادا ڪندا رهندؤ ته مان توهان کي ڇا لاءِ عذاب ڪندس.
٢٣. جڏهن حضرت امير معاويهؒ جا اڳيان ڏند ڪري پيا ته چيائون ”شڪر آهي جو اکين جي نظر ناس نه ٿي ۽ نه ڪنن ۾ ڪا ٻوڙاڻ پيدا ٿي (نه اکين کان نابين نه ڪنن کان گونگو ٻوڙو)
٢٤. پريشان جو علاج: الله پاڪ جو ذڪر، الله وارن بزرگن، اوليائن جي زيارت انهن سان گهڙي کن سانت ڪري ويهڻ ۽ دانائن، سياڻن، ڏاهن جون ڳاليهون ٻڌڻ
٢٥. الله جا محبوب پيارا ٻانها اهڙا به آهن جو جڏهن نيڪ ڪم، نماز روزو، ذڪر فڪر نصيب ٿيو وڃين ته خوش ٿيندا آهن، ڪو برو ڪم سندن کان ٿي پوي ته استغفار ڪن ٿا، ڪا نعمت دنيا جي ملي وڃين ته شڪر ڪندا آهن ڪنهن مصيبت، تڪليف ۾ ڦاسي پون صبر ڪندا آهن. (تنبيهه الغافلين)
٢٦. عوام شڪر ڪري ٿو رڳو الله پاڪ جي نعمتن تي ۽ خواص شڪر ڪن ٿا نعمتن تي، به ته آزمائشن تي به، تڪليفن ۽ مصيبن تي به
٢٧. دنيا آخرت جي ڪاميابي جا ٻه رستا قرآن ٻڌايا آهن: اِنَّہٗ مَنۡ یَّـتَّقِ وَ یَصۡبِرۡ تقويٰ
(هر قسم جي گناهه ، بدشد ڳالهائڻ ٻڌڻ ۽ خدا جو خوف هئڻ، زبان ۽ ٻين عضون جي حفاظت ۽ حق سچ ڳالهه تي صبر ڪرڻ (ڄمي بيهڻ) حضرت يوسف عليه السلام ڪاميابي جون اهي ٻه صفتون ڀائرن اڳيان بيان ڪيون هيون.
٢٨. شڪر جا قسم (١) زبان سان، يعني الله پاڪ جي نعمتن جي پچار ڪرڻ، (الضحيٰ) (٢) اعضاءَ سان: يعني الله پاڪ جون نعمتون ان جي ٻڌايل طريقي سان ان جي اطاعت ۽ تابعداري ۾ ڪم آڻي مثال: ڪنهن مسلمان ۾ ڪو عيب ڏسي ته اکيون مٽائي وڃي ڪفن سان ٻڌل عيبن تي پردو ڏيئي ڇڏي. (٣) دل جو شڪر: يعني سموريون هر قسم جون نعمتون الله پاڪ طرفان ڳڻي ۽ چڱائي ۽ نيڪي جي ڪمن ڪرڻ جو دل ۾ خيال رکي: (نحل:٥٣)
٢٩. عاشق صادق لاءِ محبوب طرفان موڪليل هر شيءِ لذت واري محسوس ٿيندي آهي. ٻيو ته ايترو ضرور سمجهندو هو ته محبوب مون کي ياد ته ڪيو آهي.
٣٠. زماني جي پريشانين جو حل رڳو مال هئڻ ۾ ناهي. مال سان ڪتاب ته خريد ڪري سگهجي ٿو پر علم نه، مال سان دوائون ته خريد ڪري سگهجن ٿيون. پر صحت نه، نرم بسترا نه خريد ڪري سگهجن ٿا پر ننڊ، سڪون ۽ آرام نه. مال سان صبح جو تخت تي ته شام جي تختي تي… ٻڌو سڀني مشڪلن جو حل مال سان نه پر اعمال سان آهي.
٣١. لفظ ثَانِیَ اثۡنَیۡنِ (التوبه) (ٻن مان ٻيو) جا علماءَ، صلحاءَ ۽ بزرگان دين متفق به مطالب بيان ڪيا آهن. هجرت واري رات اول نبي پاڪ ﷺ جن گهران نڪتا آهن ۽ ٻئي نمبر تي حضرت ابوبڪر صديقؒ ته گهران نڪرڻ مهل ٻن مان ٻيو ابوبڪر صديقؒ ٿيو. پر قرآن چيو اذهما في الغار (غار ۾ داخل ٿيڻ مهل جيڪو ٻن مان ٻيو هئو… انهن چيو پنهنجي دوست، صاحب، گڏ رهندڙ کي ته غار ۾ ٻن مان ٻيو پاڪ پيغمبر ﷺ ٿيا ڇو ته غار ۾ ، غار جا سوراخ بند ڪرڻ اول ابوبڪر صديقؒ غار ۾ گهڙيو ۽ ٻئي نمبر تي پاڪ پيغمبر ڪريم ﷺ.
٣٢. فَاذۡکُرُوۡنِیۡۤ اَذۡکُرۡکُمۡ (البقره:١٧٤)
روح المعاني واري لکيو آهي فاذڪروني بالاعطاعة اذڪرڪم بالعناية توهان مون کي ياد ڪريو فرمانبرداري تابعداري ۽ اطاعت سان ته آءٌ توهان کي ياد ڪندم نعمتن ڏيڻ سان، احسان ڪرڻ سان، پنهنجو فضل عنايت ڪرڻ سان. مهربانين ڪرڻ سان، سو نظرن جي حفاظت ڪريو، گناهن کان بچو اها توهان جي ڪاٽو تار رڳو وار تار نماز (روزو اعتڪاف ۽ ذڪر فڪر ۾ نه گذاريو. ٻئي تارون (+ ۽ -) ملنديون ته روشني ٿيندي. اسان جي حرام ڪيل ڪمن، ڳالهين ۽ خرچن کي ڇڏي ڏيو ۽ ڏک ڏاکڙا سهڻ کانپوءِ منهنجا تابعدار ۽ فرمانبردار بڻجي وڃو.
٣٣. توهان کي ڪنهن بري ڪم جي پوري ڪرڻ جي عادت آهي ۽ ان برائيءَ کي نه ڇڏڻ جي به عادت آهي ته توهان ڪي به ولي الله بڻجي نٿا سگهو.
٣٤. من خضب بالسواد سود الله وجهه يوم القيامة (الطبراني) جيڪي ڪاري رنگ جو خضاب هڻن ٿا، الله پاڪ انهن جو چهرو قيامت ڏهاڙي ڪارو ڪري ڇڏيندو (ان ڪري هلڪو ناسي رنگ هڻجي ته بهتر آهي)
٣٥. جهڙي طرح ڦوڙي، ڳوڙهي، ڳڙ جو اپريشن ڪري صفائي ڪبي آهي اهڙي ريت الله پاڪ دلين جو آپريشن ڪندو آهي جڏهن دل کي غفلت جا پردا چڙهي وڃن ٿا، گناهه ڪرڻ ۾ لذت ۽ نيڪيءَ کان نفرت دل ۾ ويهي وڃي ته مصيبتن ۽ تڪليفن جي نشتر سان، دل جي آپريشن ۽ صفائي جو انتظام ڪيو ويندو.
٣٦. جهڙي طرح جاندار جي تصوير واري جاءِ ۾ رحمت جا فرشتا نه ايندا آهن اهڙي طرح جنهن دل ۾ ڪنهن دنيا جي خوبصورت تصوير جي محبت سمايل هوندي اتي الله پاڪ ڪهڙي ريت اچڻ پسند ڪندو آهي.