خير امت

idara letterhead universal2c

خير امت

ابو زبير صادق فقير خاصخيلي

                        دين اسلام اسان کي آخري دين ۽ اسان جي رسول کي آخري رسول ۽ اسان کي خير امت ۽ اخرجت للناس جي ذميواري سونپي وئي آهي. حضرت آدم عليه السلام کان وٺي حضرت محمد ﷺ تائين لڳ ڀڳ ساڍه ڏهه هزار سالن جي لاءِ انساني تاريخ ۾ هڪ لک چويهه هزار نبين ۽ هزارين صالح ۽ سڌارڪ اڳواڻن جي ذريعي وقت به وقت انساني سماج جي ارتقاءَ پٽاندڙ انسانن کي قوانين فطرت الله جي موڪليل ڪتابن جي هدايت ۽ انساني سماج ۾ پريڪٽس هيٺ آيل انساني صداقتن ۽ اعليٰ اخلاقي معيارن جي روشني ۾ رهنمائي ملندي رهي. حضرت محمد ﷺ جي امت کي ساڍا ڏهه هزار سالن جي انهي سڄي تاريخي پس منظر  ۾ انسانيت واسطي هدايت ۽ رهبريءَ جو مثال بڻايو ويو ته هاڻي سڄي انسانيت لاءِ حضرت محمد  ﷺ جا پيروڪار مسلمان انسانيت جو بهترين   نمونو ۽ مثال بنجڻ وارو ڪردار ادا ڪندا هينئر اسلام کي هڪ ڪامل دين ڪري هن امت جي حوالي ڪيو ويو جنهن ۾ پهرين ذميواري سندن حوالي ڪئي وئي ته هو پهريائين پاڻ انهي تي عمل پيرا ٿين انسانيت جي لاءِ مثالي ڪردار بڻجن. پنهنجي اعليٰ انساني وصفن، اخلاقن ۽ قدرن سان سڀني انسانن لاءِ مثالي بڻجن. پنهنجي اعليٰ انساني وصفن اخلاقن ۽ درن سان سڀني انسانن لاءِ مثالي بڻجن. مثالي ادارا ٺاهن، مثالي جماعتون وجود ۾ آڻين ۽ مثالي معاشرا اڏي ڏيکارين انهن جو پيدا ڪيل اهو مثالي نمونو انهن جي دين جو ۽ انهن جي خدا جو تعارف بڻجي ۽ ماڻهو پنهنجي خدا جي معرفت ماڻين. ٻي ذميواري کين هي ڏني وئي ته هو انهيءَ ڪامل دين اسلام کي ٻين تائين پهچائڻ جي ذميواري پنهنجي مٿان کڻن ڇو ته مسلمان جتي به هجي جهڙي حيثيت ۾ هجي اتي الله جي پرچار ۽ الله جي موڪليل دين جي پرچار ڪرڻ جو ذميوار بڻايو ويو آهي. قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي ته

یٰۤاَیُّہَا الرَّسُوۡلُ بَلِّغۡ  مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ  مِنۡ رَّبِّکَ ؕ (المائده:٦٧)

                        ”اي رسول ﷺ جيڪو توتي تنهنجي رب پاران نازل ٿيو آهي انهيءَ کي ماڻهن تائين پهچاءِ.“)

                        پيغمبر اسلام ﷺ کانپوءِ ان جا سڀ امتي انهيءَ ذميواري کي نڀائڻ جا پابند آهن. حضور ﷺ جن فرمايو:

                        بلغوا عني ولو آيه (صحيح بخاري)

                        منهنجو پيغام پهچايو توڙي جو هڪ آيت هجي.

                        پيغمبر اسلام ﷺ اها ذميواري پنهنجي امت کي قيامت تائين ادا ڪرڻ جي حوالي ڪئي آهي. فرمايائون:

                        فليبلغ الشاهد الغائب (صحيح بخاري)

                        ”جيڪي هتي موجود آهن اهي انهن کي پهچائين جيڪي هتي موجود ناهن.“

                        پيغمبر اسلام خطبه الوداع ۾ پننهنجي پيروڪار ساٿين کي هي ذميواري سونپي هئي. هاڻي پيغمبر اسلام ﷺ جو حقيقي ۽ سچو امتي ۽ پيروڪار اهو آهي جيڪو پنهنجي پيغمبري جي انهيءَ ذميواري کي نڀائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي.

                        مسلمان فردن توڙي جماعتن تي الله ڏانهن سڏڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي. ۽ الله ڏانهن سڏڻ کي سڀ کان ڀلي ڳالهه چيو ويو آهي.  قرآن ۾ آهي ته:

وَ مَنۡ اَحۡسَنُ  قَوۡلًا  مِّمَّنۡ دَعَاۤ  اِلَی اللّٰہِ  وَ عَمِلَ  صَالِحًا وَّ قَالَ  اِنَّنِیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ ﴿۳۳﴾  (حم السجده:٣٣)

                        ”انهيءَ شخص جي ڀلي ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪنهن جي هوندي جيڪو الله جي طرف سڏيندو هجي ۽ (الله کي راضي رکڻ وارا) چڱائي جا ڪم ڪندو هجي.“

                        هن جو مطلب آهي نيڪي جي پرچار چڱاين ڏانهن سڏڻ چڱاين جو حڪم چڱاين کي ڦهلائڻ چڱاين جو ساٿ ڏيڻ ان جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ اهڙي طرح بدي ۽ برائي کان روڪڻ ناانصافي کان بيزاري ۽ نفرت ظلم ۽ استحصال کان پاڻ به بچڻ ۽ ٻين کي به بچائڻ اهي سڀ ڳالهيون هن ۾ شامل آهن. پيغمبر اسلام ﷺ فرمايو.

مَنْ رَأَى مِنْكُمْ مُنْكَرًا فَلْيُغَيِّرْهُ بِيَدِهِ ، فَإِنْ لَمْ يَسْتَطِعْ فَبِلِسَانِهِ ، فَإِنْ لَمْ يَسْتَطِعْ فَبِقَلْبِهِ ، وَذَلِكَ أَضْعَفُ الإِيمَانِ . (صحيح مسلم)

                        ”توهان مان جيڪو براين کي ڏسي ته ان تي فرض آهي ته هو ان کي پنهنجي هٿ سان روڪي جيڪڏهن ان جي سگهه نه هجيس ته پنهنجي زبان سان جيڪڏهن اها به طاقت نه رکندو هجي ته پنهنجي دل سان (انهي مدائي خلاف نفرت جو اظهار ڪري)  اهو ايمان جو بيحد ڪمزور درجو آهي.“

                        بدقسمتي سان اسان مسلمانن ۾ هي ڳالهه رواج ۾ آندي وئي آهي ته دعوت الي الله چڱاين ڏي سڏڻ ۽ براين کي روڪڻ جو ڪم صرف مذهبي طبقي ۽ تبليغي جماعت جو ڪم آهي جنهن ڪري مسلمانن جو وڏو تعداد هيڏي وڏي سعادت ۽ ذميواري جي ڪم کان محروم رهندو آيو آهي.  ان جي نتيجي ۾ ئي مسلمانن ۾ اهو ديني روح ۽ جذبو ڌنڌلائبو ويو آهي. جيڪو پيغمبر اسلام پنهنجي پوئلڳن ۾ پنهنجي ڪوشش سان پيدا ڪيو هو ائين آهستي آهستي حالت اها بڻجي وئي جو ماڻهو حق جو ساٿ ڏئي بيهڻ بدران پنهنجي غير جانبدار هئڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ۽ مداين جي باري ۾ اکيون ٻوٽي رکڻ کي پنهنجي پر امن زندگي سڏڻ لڳا انهي جي نتيجي ۾ مسلمان معاشرا وڏي غلامي ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار به ٿيا آهن مغرب وارن چڱاين ۽ مداين تي نظريا وجود ۾ آڻي انهن نظرين کي قانون جي شڪل سان پنهنجي معاشرن کي وري سگهه پئي ڏئي پر اهو ڪم ڇاڪاڻ ته انفرادي ڪوششن جو به هو انهيءَ ڪري اتي به فردن جي شخصيت جو اهو بحران باقي رهيو اسلام پنهنجي پيروڪارن ۾ شخصي ڳڻ ۽ ڀلاين جو اسپرٽ پيدا ڪرڻ لاٰءِ فردن فردن به اها زميواري رکي آهي. تاريخ جي جنهن به دور ۾ جتي به اها ذميواري ادا ڪئي وئي آهي ته اتي عاليشان نتيجا مليا آهن.