حافظ نورالدين ڪنڀر

idara letterhead universal2c

حافظ نورالدين ڪنڀر

(ڳوٺ آچر ناپر نزد ھاليجي شريف جو وڇوڙو)

شاعر : محمد ياسين ڪنڀر

ويوجدا ٿي آ اسان کان نورالدين،
موڪلائي ويو جھان کان نورالدين.

پيءُ ساڍا ٽي ورھيه اڳ ۾ ويس،
ٿيو جدا پنھنجي امان کان نورالدين.

پتڪڙا زينب ، حسن روئن پيا،
ويو حسين کان اوھان کان نورالدين.

پيءُ پرور کان پني ورتو ھيو،
مليو خالقِ دوجھان کان نورالدين.

ويو ڪٽي چوٽيھ سالا زندگي،
منھن مٽي ويو ڪاروان کان نورالدين.

ھن جا گھر وارا خدا جي آسري،
ڪونه لھندو دل زبان تان نورالدين.

ھُو بَھارِ خُلد ۾ پھچي ويو،
ويو دنيا واري خزان کان نورالدين.

ناگھاني اوچتو آيو اجل،
مون پڇيو ٿي آسمان کان نورالدين.

مرثيو ڏک جو لکان ياسين ڇا،
زور آ منھنجي بيان کان نورالدين.