بصر-پياز-پيماز-بصل

idara letterhead universal2c

بصر-پياز-پيماز-بصل

حڪيم  عطاءَ الله نوابشاهي

                        هي هر هنڌ آساني سان ملي ويندڙ تمام ستي سوکڙي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳجهارت آهي: هيڏو هيڏو پاڻ سو کلن ساڻ.“ ٻوڙ ڀاڄي لاءِ هي ديڳڙيءَ جي جان آهي. اسان هن کي گهڻو ڪري رڌ پچاءَ ۾ استعمال ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ٻوڙ ڀاڄي گهاٽي ڪرڻ  ۽ سوادي  بنائڻ ۾ استعمال ڪريون ٿا. هن ۾ ٿوري بوءِ ٿئي ٿي جنهن کان گهڻن نازڪ مزاج ماڻهن کي نفرت ٿيندي آهي ڪن کي ته مٿي ۾ سور پئجي ويندو آهي. ڪن ته هن جا 500 قسم بيان ڪيا آهن. پوري دنيا وارن هن جي مفيد ۽ ڪارآمد ۽ ڪيترن بيمارين ۾ ڪم اچڻ  جي دعويٰ ڪئي آهي. اچو ته اسان به رڳو ٻوڙ ڀاڄي ۾ هن کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري ٻيا فائدا به هٿ ڪري، صحت ماڻڻ لاءِ جتن ڪريون.  بصر جي تحقيق ۽ ڪم تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن اڃا به تجربا هلي رهيا آهن. پراڻي دور ۾ جڏهن بيمارين جا علاج عام جام نه ٿيا هئا. ته ماڻهوءَ کوڙ سارين تڪليفن کي ختم ڪرڻ ۾ بصر استعمال ڪندا هئا. ڏنگيندڙ جانورن ۽ جيتن جڻين جي زهر کي ختم ڪرڻ لاءِ به بصر استعمال ڪندا هئا. نمونيا ۽ ٻين اهڙن مهلڪ مرضن ۾ به بصر استعمال ڪيو ويندو هو. کنگهه ۽ جهڙي تهڙي بخار ۾: بصر ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري ان تي کنڊ ٻرڪي يا ماکي وجهي ٻه ٽي ڏينهن اُس تي رکجي جيڪو پاڻي نڪري اهو گڏ ڪري ٿورو ٿورو مريض کي چٽرائجي. پراڻي زماني ۾ جنهن کي ننڊ نه ايندي هئي يا اڻپوري ننڊ ايندي هئي ته اهي رات جو ڪچو بصر کارائيندا هئا يا کير ۾ ڀڄائي رات جو کارائيندا هئا. اڄ به ائين ڪرڻ سان فائدو ٿئي ٿو. ماکي جي مک، ڏينڀو يا ٻيو ڪو اهڙو زهريلو جيت چڪ پائي وڃي ته يا بصر کارائجي يا ڪٽي لپري ڪري ٻڌجي.  اڄڪلهه ويڪسينيشن جي ري ايڪشن جي عذاب کان بچڻ لاءِ ڪچو بصر ۽ ٿوم کائڻ سان انجيڪشن جا برا اثر ختم ٿي وڃن ٿا.

                        موسم سرما ۾ ننڍن وڏن کي بخار، بيچيني دست، الٽيون ۽ ٻيون کوڙ ساريون تڪليفون لڳي وڃن ٿيون. تپاولي وغيره جي اهڙي موسم ۾ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ماني سان يا ائين ڪاتر ڪري لوڻ ٻرڪي ڌوئي بصر کائڻ گهرجي.

                        ننڍن ٻارن  جي وات پچڻ، ڳلي ۾ خرابي، گلي ۾ سوڄ سور کان بصر کارائجي. فائدو ٿيندو. يا ٿورو باهه تي پچائي يا نپوڙي پاڻي پيارجي. پيرن جون آڱريون وچان چيرجي زخمي ٿيو پون يا پير ڦاٽي پون ته رات جو ڪچو بصر ٽڪرو باهه تي سيڪي نپوڙي پاڻي هڻجي.

                        منهن تي يا جسم جي ڪنهن به حصي تي ڪارا داغ يا ڪارا تر ظاهر ٿي پون ته  ٿورو لوڻ پاڻي ۾ ڳاري ان ۾ ٻه ٽڪرا بصر جا وجهي رکجن ۽ ترن يا داغن تي ان جي مالش ڪجي.

                        ڪن جي سور ۾ به بصر جو پاڻي ڪوسو ڪري تيل گڏي ٻه ٽي ڦڙا ڪن ۾ وجهڻ گهرجن.

                        وار کسي وڃن يا ڪرڻ لڳن، ڇڻڻ لڳن ته بصر جو پاڻي 1 تولو، مڇيءَ جو تيل 5 تولا، آني ديسي جي هيڊاڻ هڪ عدد سڀ گڏي گهوٽي روزانو رات جو ٿورو ٿورو وارن ۾ مالش ڪجي.

                        نظر جي ڪمزوريءَ ۾ بصر جو پاڻي ۽ ماکي گڏائي سرائي ڀري رات جو ڀائجي رات جو نظر ناس ٿي وڃڻ واري حالت ۾ به بصر جو پاڻي اکين ۾ وجهڻ گهرجي.

                        خوني بواسير ۾ بصر ڪاتر ڪري کائڻ سان خون بند ٿي وڃي ٿو. نوشادر ۽ هڙتال ورقي هڪ هڪ تولو، شنگرف ڳوڙهي ٻه تولا، بصر وڏا 500 عدد نوشادر ۽ هڙتال گهوٽي 12 پڙيون بنايو هڪ پڙي ۾ بصر جو پاڻي گڏائي شنگرف ڳوڙهي کي ليپ ڪري هڪ وڏي بصر ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ رکي بصر جي ڪڍيل ٻوري سان بند ڪري ڪپڙو مٽيءَ ۾ آلو ڪري ويڙهي کڏ ۾ ٻڪرين جون ڦولڙيون وجهي باهه ڏيو ان ۾ شنگرف وارو بصر 2 ڪلاڪ پوري ڇڏيو ٻن ڪلاڪن بعد اڌ بصر سڙي چڪو هوندو هو. هاڻي شنگرف ڪڍي اڳئين وانگر ٻي پڙي بصر جي پاڻي ۾ ملائي ليپ ڪري ساڳي ريت باهه ۾ رکو. 12 پڙهين کانپوءِ رڳو شنگرف بصر ۾ بند ڪندا باهه ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ پوري ڪڍندا هلندا رهو. آخر ۾ گهوٽي سنڀالي رکو. اڌ ڌانور جيترو نامرد کي مرد ڪري ڇڏي کير، مکڻ، ملائي وغيره سان کارائجي.

                        سرڪو انگوري اڌ ڪلو ۾ بصر ٽڪر ٽڪر ڪري وجهي رکي ڇڏيو کاڌي کائڻ مهل هڪ ٽڪر ڪڍي ٿورو ٿورو ماني سان کائڻ سان هاضمو درست ٿئي ٿو، کاڌ هضم گيس، گم، قبض ختم بک لڳائي.

                        مرد جي طاقت لاءِ: بصر جو پاڻي هڪ حصو ماکي يا ڳڙ ٻه حصا گڏي ڪي ڏينهن کارائجي ته طاقت ۾ چڱو ڀلو اضافو ٿئي ٿو. ڳوڙهو، ڳڙ، رت ڳڙي تي به پيار ڪاتر ڪري گرم ڪري ٻڌندا آهن ڪي ان ۾ ڳڙ ۽ لوڻ به ملائيندا آهن.

                        عورت کي ڳهڻ ۾ خرابي جيڪري بهوشي جو دورو پئجي وڃي ته بصر سنگهائجي. اختناق الرحم هڪ ڪِني، تڪليف ڏيندڙ خوار خراب ڪندڙ عورتن جي بيماري آهي. عورت جي ڏن هيٺان هڪ ڳوڙهو ٺهي پيٽ ۾ گهمندو آهي ۽ ڪڏهن نڙيءَ ڏي چڙهي ويندو آهي آهي. ساهه جي گهٽ ٿيندي آهي عورت ڳيتون ڏيندي آهي، هٿ پڪوڙجي ويندا آهن، بت سيٽجي ويندو آهي، ڏندڻ پئجي ويندا آهن ڪڏهن زبان ڏدندن هيٺان اچي ٽڪجي پوندي آهي. عورت جو ڳالهائڻ جنن واريءَ جهڙو ٿي ويندو آهي اهڙي تڪليف کان بچاءَ ۾ به بصر ڪارائتو آهي. بصر جي پاڻيءَ ۾ هڱ گهي پيارجي (يا) هيراڪس، رسول، ايريو، نهر جا پن سڪل، ڪاري جيري، گگر ڪٽي ملائي بصرن جو پاڻي وجهي چڻي برابر گوريون ٺاهي صبح شام سونف جي عرق سان يا سادي پاڻي سان ٻه ٻه گوريون کارائجن 15، 20 ڏينهن لاڳيتو.

                        ڪتو چڪ هڻي وڃي ته بصر کارائجي ته زهر اثر نه ڪندو، چٽي، بگ ۽ ٻين اڇن داغن تي ماوا، لوڻ ۽ ماکي گڏي ڪٽي ان ۾ بصر جو پاڻي گڏائي روزانو داغن تي هڻڻ سان آزار ختم. هڏي ڀڳل کي جوڙي چپڙي ٻڌي ڇڏجي ۽ هي نسخو ٺاهي کارائجي ته جلد هڏي  مضبوط ٿي وڃي. هيڊ، السي ٻج، بصر، سڀني کي ڌار ڪٽي گڏي ٻڪريءَ جي کير ۾ پچائي ٿورو ٿورو هڏيءَ تي هڻجي ۽ کارائجي. يا ڪپڙي تي وڇائي هڏيءَ کي ويڙهي ٻڌي ڇڏجي. وات پچي پوي ته بصر جي ڪاتر 15 منٽ کن وات ۾ چوسجي. مينهوڳي جي موسم ۾ کوڙ ساريو، نه سهڻ جهڙيون تڪليفون ظاهر ٿي پون ٿيون ان ڪري اهڙي موسم ۾ بصر گهڻو اسعتمال ڪجي.

                        ڪالرا (دست ۽ الٽيون لڳي وڃن ته) بصر کارائجي يا بصر جو پاڻي چمچو چمچو 20 منٽ وقفي سان ٿورو لوڻ گڏائي پيارڻ شروع ڪجي. نڙيءَ ۾ ڳوڙها ٿي پوڻ جي حالت ۾ بصر ۽ ڪلونجي گڏي حقي ۾ رکي ڇڪجي يا ٽانڊي تي رکي دونهون ڏجي. گهر ۾ ڪنڊن پاسن ۾ بصر رکي ڇڏڻ سان نانگ بلا گهر ۾ نه ايندا. گهڻو بصر جو استعمال ٿڌ، سنڌن ۾ سور، نظر ڪمزور ڪري ٿو. بصر کائڻ جا شوقين اهڙي تڪليف کان بچڻ لاءِ بصر سان ٿورو ڳڙ يا ٻيو ڪو مٺاڻ کائيندا رهن يا ٿوري ڏهي استعمال ڪرڻ گهرجي.