غير متبدل قوانين قرآن

idara letterhead universal2c

غير متبدل قوانين قرآن

محمد حسين شاهه سجاولي

                        قرآن مجيد الله تعاليٰ جل شانه جو آخري ڪتاب آهي جيڪو اسان سڀني لاءِ قيامت تائين هدايت جو سرچشمو آهي. سڄي دنيا ۾ هن وقت سڀني کان وڌيڪ پڙهجندڙ ڪتاب آهي.  علوم القرآن تي تمام گهڻن وڏن مفسرن ۽ عالمن ڪم ڪيو پر جن ماڻهن قرآن مجيد جي تعليم کي سمجهيو، پرکيو ۽ ان تي غور و فڪر ڪيو،  ان ۾ امام شاهه ولي الله محدث دهلوي جي جماعت جو به اهم ڪردار آهي.

                        ابوالفضل نور احمد، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي جو ڊائريڪٽر آهي. 2008ع کان وٺي هي ادارو قرآني علم جي حوالي سان فهم قرآن، تدبر قرآن ۽ حڪمت قرآن فاصلاتي ڪورس ڪرائيندو پيو اچي.  2020 ۾ گريجوئيٽ شاگردن لاءِ تخصص حڪمت قرآن ڪورس جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ قوانين قرآن ۽ اصطلاحات قرآن جا سبجيڪٽ پڙهايا ويا. نور احمد صاحب گذريل 20 سالن کان قرآني فهمي ۽ علوم القرآن تي ڪم ڪندو پيو اچي. الله تعاليٰ کيس قرآن فهمي  ۽ علوم القرآن ۾ غير معمولي سمجهه عطا ڪئي آهي ان ڪري هو پاڻ به تخصص القرآن ۾ ليڪچر ڏيندو هو.  انهن ليڪچرن مان قوانين قرآن کي گڏي ڪري ”غير متبدل قوانين قرآن“ جي نالي سان ڪتاب ڇپايو ويو آهي.  ڪتاب اردو زبان ۾ آهي.

                        هن ڪتاب ۾ بنيادي طور ٽن موضوعن کي بيان ڪيو ويو آهي:

(١)    الله تعاليٰ جو خلق ۽ امر جو قانون ڪيئن ڪم ڪري ٿو.

(٢)    الله تعاليٰ جا اُهي قانون جيڪي ڪڏهن به تبديل نه ٿا ٿين.

(٣)    الله تعاليٰ جو سلامتي ۽ مهرباني جو قانون ڪهڙي طرح ڪم ڪري ٿو.

                        ڪائنات جي شين لاءِ ٺاهيل قانونن ۽ انسان جي لاءِ ٺاهيل قانونن ۾ فرق آهي. ڪائنات جون شيون انهن قانونن تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور هونديون آهن. پر انسان ان قانون تي عمل ڪرڻ جو پابند ڪونهي. ان ڪري انساني زندگي جي عملن جا نتيجا الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل قانونن مطابق ئي مرتب ٿين ٿا.  ڪتاب ۾ پندرنهن قانون بيان ڪيا ويا آهن.  (١) قانون مشيت (٢) قانون اذن الله (٣) قانون مڪافات عمل (٤) قانون ابتلا (٥) قانون هدايت و ضلالت (٦) قانون مغفرت و عذاب (٧) قانون رزق ڪي بست و ڪشاد (٨) قانون عسر يسرا     (٩) قانون توڪل و استعانت (١٠) قانون نصرت خداوندي (١١) قانون سعي و اڪتساب (١٢) قانون قضاء بالحق (١٣) قانون عروج و زوال (١٤) قانون تاجيل و امهال (١٥) قانون اتمام حجت.

                        ڪتاب جي مطالعي مان خبر پئي ٿي ته ڪتاب غير معمولي اهميت جو حامل آهي. ليڪچرن ۾ امام شاهه ولي الله جي بنيادي اصول ”تفسير القرآن باالقرآن“ کي سامهون رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري هن ڪتاب جي اهميت وڌي وئي آهي ۽ هي ڪتاب خاص طور عالمن، طالبن ۽ عام ماڻهن جي لاءِ به وڏو مفيد ثابت ٿيندو.

                        ڪتاب 288 صفحن تي پڪي بائينڊنگ سان آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي. ڪتب خانه ربانيه، جامع مسجد رباني، هائي وي ڪالوني، نزد جمالي پُل اسڪيم ٣٣، ڪراچي وٽان حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ پوسٽ ذريعي به گهرائي سگهجي ٿو. 

ڪتابن تي تبصرو